بندي ماترم ناٽڪ منڊلي حيدرآباد

بندي ماترم ناٽڪ منڊلي، حيدرآباد: 1905ع ڌاري لعلچند امر ڏني مل جي اڳواڻيءَ هيٺ هيءَ ناٽڪ منڊلي برپا ٿي. هيءَ منڊلي قومي توڙي سماجي جاڳرتا تي ناٽڪ پيش ڪندي هئي. انهن ناٽڪن ۾ خود لعلچند امر ڏني مل جا لکيل ’ڀارت ڄاوا اُٿُ اُٿي جاڳ‘ ۽ ’عملدار ڪي رعيت آزار‘ مشهور ناٽڪ پيش ڪيل هئا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو